'آغا تاج محمد' جون تصويرون
 آغا تاج محمد جون وڌيڪ تصويرون ڏسو

آغا تاج محمد خان

آغا تاج محمد خان: (1904- 1959ع) نامور تعليم دان، عالم ۽ اديب آغا تاج محمد خان 16 سيپٽمبر 1904ع ۾ تعلقي ۽ ضلعي سکر جي ڳوٺ ’باگڙجيءَ‘ ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو عبدالمجيد خان هو. هن کي پهريائين قرآن پاڪ جي تعليم ڏيارائي وئي، ۽ ڪجهه پارسي پڙهائي، پوءِ ڳوٺ جي سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن سنڌيءَ جا.....


ابوالعباس محمد بن محمد بن عبدالله وراق ديبلي

ابوالعباس محمد بن محمد بن عبدالله وراق ديبلي: ابوالعباس محمد بن عبدالله وراق، ديبل جو رهاڪو هو. وڏو عالم ۽ صالح ٿي گذريو آهي. حديث جي علم ۾ سَنَدَ حاصل ڪيائين. مشهور محدث امام حاڪم ابو عبدالله الحافظ پڻ هن سنڌي عالم جو شاگرد هو. ابوالعباس ديبليءَ 345هه/956ع ۾ وفات ڪئي. .....


آخوند محمد بچل انور

آخوند محمد بچل ”انور“: آخوند محمد بچل، مٽيارين جي آخوندن مان ھو. سندس والد جو نالو آخوند محمد صالح ھو، جيڪو فارسي ۽ عربيءَ جو وڏو عالم ھو.آخوند محمد بچل ”انور“ فارسي شعر ۽ نثر جو سٺو ليکڪ ھو. شاعريءَ سان گڏوگڏ ماده تاريخ ڪڍڻ واري فن ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھو. آخوند صاحب ”ميرن جي شاھي استاد“ جي لقب سان مشھو.....


آخوند محمد حسن مسڪين

آخوند محمد حسن ”مسڪين“: محمد حسن ”مسڪين“ ولد مولوي ڄام ولد آخوند محمد دائود سومرو 12 مئي 1904ع مطابق 1323 ھ تي، تعلقي خانپور (ضلعي شڪارپور) جي ڳوٺ ”حاجي خان ڪلھوڙي“ ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم ۾ قرآن پاڪ ۽ عربي ۽ فارسيءَ جا ڪتاب پنھنجي والد وٽ پڙھيو. پوءِ سنڌي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اٺن ميلن جي پنڌ تي، ڳو.....


آخوند محمد شفيع جو دستخط نسخو

آخوند محمد شفيع جو دستخط نسخو: شاھ عبداللطيف جي رسالي جو ھڪ قلمي نسخو. سر ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ ھيءُ رسالو تاريخ 27 ماھ صفر 1273ھ مطابق 27 آڪٽوبر 1856ع ۾ آخوند محمد شفيع لکي پورو ڪيو. شروعات ھن طرح ڪئي اٿس: ”اين رساله تصنيف حضرت شاھ صاحب ولايت و ڪرامت شاھ صاحب سيد شاھ عبداللطيف“. ھن نسخي جي موجوده م.....


آخوند محمد عالم

آخوند محمد عالم: آخوند محمد عالم پنهور 1800ع ۾ خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. جوانيءَ جي عالم ۾ مجازي عشق ۾ ڦاسي پيو ۽ اوچتو پنهنجي محبوب جي مري وڃڻ کان پوءِ ان جي فراق ۾ ڪافيون ٺاهي ڳائيندو وتندو هو. ان وقت سندس پاڙيسري بزرگ ميرزا مراد علي بيگ سائل (مرثيا گوئيءَ ۾ سيد ثابت علي شاهه جي شاگرد) کيس نصيحت ڪئي.....


آخوند محمد قاسم هالائي

آخوند محمد قاسم هالائي: محمد قاسم آخوند سنڌي ٻوليءَ جو اهم شاعر ٿي گذريو آھي. ھو 23 سيپٽمبر 1818ع تي ڄائو ۽ 14 اپريل 1891ع تي پراڻا هالا ۾ وفات ڪيائين. ھو خليفي گل محمد جو ساٿي ھو. ھن ڪجهه وقت لاءِ ميرن جي سرڪار جي نوڪري به ڪئي. ھن جي شاعريءَ جو ڪتاب ”ديوان قاسم“ مرزا اسد بيگ ”اسد“ ڇپرايو، جنهن تي م.....


آخوند نور محمد ڀٽي

آخوند نور محمد ڀٽي: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو استاد، آخوند نور محمد ڀٽي پنهنجي دؤر جو پرهيزگار مُعلِم ٿي گذريو آهي. آخوند نور محمد ڀٽي سنڌ جي هن ڀٽائي صاحب جي ننڍپڻ ۾ کيس قرآن شريف جي تعليم ڏني. ميون نور محمد ڀٽي، گنبٽ جي ڏيرن واري راڄ ويجهو ”وانئين“ جو ويٺل هو ۽ شاهه حبيب جو محبتي ۽ معتقد هو. شاهه .....


ابو محمد سالم سنڌي

ابو محمد سالم سنڌي: ابو محمد حلف بن سالم، مخاطب به محمود سنڌي. حديث جي حافظن مان هو، کيس سنڌ مان عرب آندو ويو هو. آل مهلب جو غلام رهندو آيو، پوءِ علم جي تحصيل ڪيائين ۽ حديث ۾ نالو پيدا ڪيائين. بغداد جي محله محزمي ۾ قيام هيس، جنهنڪري محزميءَ جي نسبت سان مشهور ٿيو. ذهبي جو بيان آهي ته پاڻ سنڌي هو. حلف.....


ابو محمد هالائي مخدوم

ابو محمد هالائي مخدوم: حضرت ابو محمد ولد مخدوم امين محمد اول ولد مخدوم نوح عليه الرحمت 9 محرم الحرام 980هه ۾ پنهنجي بزرگ ڏاڏي جي حياتيءَ ۾ ئي پيدا ٿيو ۽ تصوف جو طريقو پنهنجي والد محترم کان سکيائين، والد جي وفات کان پوءِ سجاده نشينيءَ جا فرض به ادا ڪيائين. سندن علم ۽ فيض مان ڪيترائي فيضياب ٿيا، جن ۾ .....


امير سلطان محمد جو مقبرو

امير سلطان محمد جو مقبرو: امير سلطان محمد جي مقبري جي اڏاوت ١٥٥٦ع ڌاري ٿي آهي. امير سلطان محمد جو مقبرو، سلطان ابراھيم جي مقبري لڳ ۽ عبدلله شاهه اصحابي جي ڏکڻ ۾ مڪليءَ واري شاهي قبرستان ۾ آهي. مھاڙيءَ ۾ پٿرائون دروازو اٿس، جنھن تي پھچڻ لاءِ ٽي ڏاڪا تعمير ٿيل آھن. دروازي سان ٻنھي پاسي ڄاريدار دريون آ.....


 پوئتي   1   2  3  4   5   6   7   اڳتي